درگاهه سيد جمن شاهه

درگاهه سيد جمن شاهه

درگاهه سيد جمن شاهه

درگاهه سيد جمن شاهه: هيءَ درگاهه نصرپور شهر، تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ واقع آهي. هن درگاهه جو شمار شهر جي تاريخي/پراڻي درگاهه طور ٿئي ٿو. هتي مدفون بزرگ بابت ڪا مستند معلومات نه ملي سگهي آهي. هر سال 21 محرم الحرام تي درگاهه تي عرس ٿيندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن. هيءَ درگاهه چورس آهي، درگاهه جي بناوت روايتي ۽ سادي آهي. مکيه ديوار تي ٻنهي طرف طاقچه ۽ وچ تي نوڪدار لنگهه جو نمونو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪاٺ جو عام دروازو لڳل آهي. مٿان گول ونگ سان ڪاٺ جي ڄاري ۽ پاسن کان چٽسالي ٿيل ٿي ڏسجي. مکيه ديوار جو وچيون حصو ڪجهه قدر مٿڀرو آهي، جنهن تي ڪنگرين جو جنسار ۽ مٿان سيمينٽ جي ڄاري لڳل آهي. ڄاري جي ٻنهي ڇيڙن تي 3 کان 4 فوٽ جا ننڍا مينار آهن. ساڳي نوعيت جو جنسار ڪجهه هيٺانهين تي ديوار جي ٻنهي طرف به ٿيل ڏسجي ٿو. ڪانس مٿان ديوار جي ٻنهي ڪنڊن تي به هڪ هڪ مينار آهي. مقبري مٿان چئن مينارن کان سواءِ گنبذ نظر نه ٿو اچي. مزار جي اندرئين حصي ۾ خوبصورت ٽائلز سان فرشبندي ڪيل آهي. سيد جمن شاهه جي مزار ٿلهي تي آهي، جيڪا پڻ ٽائلن سان جڙيل آهي. درگاهه سان لڳو لڳ ديوار کي احاطو ڏنل هو، جنهن کي ڊاهي نئين سر ڀت تعمير ڪئي وئي آهي.


لفظ درگاهه سيد جمن شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو